ڪورونا ويڪسين بابت ڊاڪٽر فيصل جو ڳورهاري عورتن لاءِ اهم پيغام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خاص مددگار فيصل سلطان چيو آهي ته ڳورهاري عورتن لاءِ ڪورونا خلاف ويڪسين انتهائي محفوظ آهي.

هڪ وڊيو پيغام ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ ويڪسين نه لڳائڻ وارن لاءِ سهولتن تي پابنديون لڳي وينديون، انڪري پابندين کان بچڻ جي لاءِ لازمي آهي ته ويڪسي نيشن جو سرٽيفڪيٽ هئڻ گهرجي.

صحت بابت خاص مددگار جو چوڻ هو ته ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن کي کير پيئاريندڙ مائرون غلط فهمي جي ڪري ويڪسين لڳرائڻ کان لهرائين ٿيون جڏهن ته ويڪسين ڳورهاري عورتن جي لاءِ گهڻي ضروري آهي.

هن چيو ته ڳورهاري عورتن جي لاءِ اها ويڪسين انتهائي محفوظ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.