ڪراچي: بحريا ٽائون انتظاميا پاران آسپاس جي ڳوٺن تي قبضن جو سلسلو جاري

بحريا ٽائون انتظاميا پاران آسپاس جي ڳوٺن تي قبضن جو سلسلو جاري آهي ، ڳوٺاڻن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي جواز ڄاڻائي نفسياتي طور تي هراسان ڪيو پيو وڃي .ان سلسلي ۾ علي داد ڳوٺ جي رهواسي بشير گبول  عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسان جي زمينن تي قبضي جو سلسلو جاري آهي  ۽ بحريا ٽائون انتظاميا وڏي پوليس اٽالن سان 9 سيپٽيمبر 2021 تي بحريا ٽائون جي حد ۾ اسان جي ڳوٺن ، دڪانن ، هوٽلن ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪري گهرن کي مسمار ڪرڻ کانپوءِ ڌمڪين جو سلسلو شروع ڪيو آهي،  اسان جي زمينن بابت سپريم ڪورٽ جو آرڊر ڄاڻائي روز ڌمڪيون پيا ڏين ۽ اسان جا سڀ دڪان ۽ هوٽل  سپريم ڪورٽ جو آرڊر ڄاڻائي پٽ ڪيا ويا آهن.  ڳوٺاڻي شوڪت گبول چيو ته بحريا ٽائون  ارباب گبول ڳوٺ ۾ اسان جي زمينن تي پڻ قبضو ڪري رهي آهي  ۽ اسان کي چون ٿا ته اسان سپريم ڪورٽ کان اهي زمينون خريد ڪيون آهن ۽ سال 2026 تائين بحريا ٽائون جا پئسا سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ بعد توهان کان ڳوٺ خالي ڪرائينداسين. ان ڏس ۾ علي محمد ڳوٺ جي رهواسي دين محمد گبول جو چوڻ هوته ملڪ رياض اسان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو  جواز بڻائي هراسان ڪري رهيو آهي ۽ ڳوٺن ۾ واقع قبرستانن تي پڻ قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسان تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن سپريم ڪورٽ،  وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين  کي اپيل ڪئي ته انهن کي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.  ٻئي طرف سنڌ انڊيجينئس الائينس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا هڪ ڀيرو ٻيهر ڳوٺ واسين کي ڌمڪائي انهن جي زمينن تي قبضا ڪري رهي آهي،حفيظ بلوچ چيو ته سنڌ انڊيجيئنس الائنس سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿي ڪري ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ڳوٺاڻن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.