منال خان جي سَهري جي ننهن بابت چيٽ ليڪ

تازو ئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ واري اداڪارا منال خان جي سهري جي ننهن بابت ڪيل مبينه چيٽ ليڪ ٿي وئي آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ مداح سينيئر اداڪار محسن اڪرام سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو.

اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مداح اداڪار کان هڪ سوال ڪيو آهي ته ”انڪل پنهنجي نُنهن مِينو (يعني منال)“ بابت ڪجهه چئو، جنهن تي محسن اڪرام جو چوڻ هو ته هوءَ خوبصورت آهي، ان جي موجودگي، ان جو روح خوبصورت آهي، احسن سان گڏ ان جي نئين زندگي تي الله جون رحمتون هجن.

جنهن کانپوءِ مداح هڪ وڌيڪ سوال ڪيو ته منال توهان کي ڇا ڪري سڏيندي آهي؟ جنهن تي محسن اڪرام جواب ڏنو ته ”ڊيڊ“.

خيال رهي ته هلندڙ مهيني منال ۽ احسن محسن اڪرام جي شادي ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.