سزائون سخت ڏنيون وينديون، موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ وارو دور واپس ايندو: طالبان

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي باني اڳواڻن مان هڪ ملا نور الدين ترابي چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن تي موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ جي سزا جو دور موٽي ايندو پر ممڪن آهي ته هن ڀيري سري عام سزائون نه ڏنيون وڃن.

آمريڪي خابرو اداري (اي پي) کي ڪابل ۾ ڏنل انٽرويو ۾ ملا نور الدين ترابي ماضي ۾ طالبان طرفان ڏنيون ويندڙ سزائن تي تنقيد کي رد ڪندي دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته اهي افغانستان جي نئين حڪمرانن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪن.

هن چيو ته ڪير به اسان کي نه ٻڌائيندو ته اسان جا ڪهڙا قانون هجڻ گهرجن، اسان اسلام تي عمل ڪنداسين ۽ قرآن موجب پنهنجا قانون جوڙينداسين.

ملا نورالدين ترابي موجب سيڪيورٽي جي لاءِ هٿ ڪٽڻ جهڙي سزا ضروري آهي ڇو ته ان جو واضح اثر هو، هن چيو ته ڪابينا عوامي سطح تي سزائون ڏيڻ واري معاملي تي غور ڪري رهي آهي جڏهن ته ان حوالي سان هڪ پاليسي جوڙي ويندي.

انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن سزائون سري عام ڏنيون ويون ته ماڻهن کي فوٽو ڪڍڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ جي به اجازت ڏني ويندي ته جيئن ٻيا ماڻهو ان مان عبرت حاصل ڪن.

طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته ماضي ۾اسٽيڊيم ۾ ڀريل هجوم جي اڳيان ڏني ويندڙ سزائن جي حوالي سان سڀ ڪنهن اسان تي تنقيد ڪئي پر اسان ڪڏهن به انهن جي سزائن ۽ قانونن جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي.

هن اهو به ٻڌايو ته طالبان ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻي مٽجي ويا آهن، هاڻي طالبان ٽيلي ويزن، موبائل، تصويرون ڪڍڻ ۽ وڊيو جي اجازت ڏيندا ڇو ته اهي ماڻهن جي ضرورتن منجهان آهن ۽ اسان ان حوالي سان سنجيده آهيون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان ميڊيا کي پنهنجا پيغام عوام تائين پهچائڻ جو هڪ ذريعو سمجهن ٿا، جنهن جي ذريعي اسان پنهنجا پيغام سوين ماڻهن جي بدران لکين ماڻهن تائين پهچائينداسين.

واضح رهي ته لڳ ڀڳ 60 سالن جو نور الدين ترابي طالبان جي اڳوڻي حڪومت ۾ انصاف وارو وزير هو.

نور الدين ترابي چيو ته هن ڀيري جج (جن ۾ عورتون به شامل هونديون) ڪيسن جون ٻڌڻيون ڪندا پر افغانستان جي قانونن جو بنياد قرآن پاڪ هوندو.

ياد رهي ته نورالدين ترابي 1980 جي ڏهاڪي ۾ روس سان جنگ وڙهندي پنهنجي هڪ ٽنگ ۽ هڪ اک کان محروم ٿي ويو هو.

طالبان جي نئين نگران حڪومت ۾ کيس جيل کاتي جو انچارج بڻايو ويو آهي، ٻين طالبان ڪابينا جي ميمبرن جيان نور الدين ترابي تي به گڏيل قومن جون پابنديون لاڳو ٿيل آهن.

ملا ترابي جي حوالي سان مشهور آهي ته هو قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۽ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪرڻ وارن منجهان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.