خانواهڻ ۾ بدامني، ينگ ڪونڌر اتحاد جو احتجاج

خانواهڻ   ( ن ع آ ) خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ينگ ڪونڌر اتحاد جي سڏ تي عيد گاهه چوڪ کان ريلي ڪڍي خانواهڻ ٿاڻي  آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي اڳواڻن غلام مجتبيٰ  ڪونڌر ، ماجد علي ، علي حيدر، جهانزيب ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، روزانو ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، پر خانواهڻ پوليس بدامني کي ٻنجو ڏيڻ ۾ ناڪام ڏسڻ ۾ پئي اچي، هنن گهر ڪئي ته بدامني کي ٻنجو ڏيئي ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي خانواهڻ ٿاڻي جي عملدار ٻڌايو ته بدامني کي ٻنجو ڏيئي ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.