خانپور مهر مان گم ٿيل نينگر واپس نه آيو، وارث پريشان

خانپورمهر ( ن ع آ )  خانپورمھر مان  ٻه ڏينهن اڳ  گوهر مارڪيٽ محلي جو رهواسي 17  ورهين جو نينگر سعود پٽ مستري محمود مغل پرسرار  نموني گم ٿي ويو آهي، نينگر جي گمشدگي جو اطلاع ٿاڻي تي پڻ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ نينگر سعود جي والد مستري محمود مغل ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڪالهه  منجھند ڌاري گهران نڪري ويو ته واپس گهر ناهي موٽيو گهڻي ڳولا باوجود سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، مستري محمود مغل ٻڌايو ته پٽ جو ذهني توازن پڻ ٺيڪ ناهي، نينگر جي والد ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.