سکر ۾شڪارپور واسڻ مقتول عورت جي وارثن جو احتجاج، لاش رکي ڌرڻو

سکر ( رپورٽر ) سکر جي قريشي ڳوٺ واري علائقي جي رهواسي ٻرڙو برادري جي ماڻهن پاران شڪارپور ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿي ويل مسمات سيما جي لاش کي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو ويو، مظاهرين جوابدارن خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، مظاهري جي اڳواڻي مسمات عظيمان خاتون، جلال الدين، ريشما ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عظيمان ٻرڙو جي مڙس علي حسن ٻرڙو ڄاٽي يعقوب ٻرڙو کي ڪجهه عرصو اڳ هٿياربندن قتل ڪيو هو. سندن قتل بعد ڏير نور حسن ٻرڙو اسان جي ڌيءَ سيما کي 3 لک روپين عيوض جيڪب آباد جي رهواسي اصغر سنجراڻي کي وڪرو ڪري زبردستي شادي ڪرائي هئي. جنهن کانپوءِ مهنجي ڌيءَ جو مڙس اصغر سنجراڻي ۽ ڏير اڪبر سنجراڻي کيس ڪوڙو ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪيو آهي. اهڙي واقعي جو ڪيس شڪارپور جي اسٽور گنج ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي. پر هن وقت تائين پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو، هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سيما ٻرڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.