اڪري چودڳي ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق بابندي بڻايل 2 ڄڻا آزاد

اڪري چودڳي (ن ع آ) سول جج فيض گنج محترم نظام الدين اڄڻ سيشن ڪورٽ خيرپور جي حڪم تحت اڪري ٿاڻي تي ڇاپو هڻي بنا  ڪيس  داخل هجڻ جي باندي بڻايل جاويد شر ۽غلام حسين شر کي اڪري پوليس کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد اڪري پوليس ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو سول جج فيض گنج  ايس ايڇ او اڪري کي سڀاڻي(اڄ) ريڪارڊ سميت ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم  ڏنو واضع رهي تہ ٽي هفتا اڳ ڪمند جي فصل مان  اڪري واسي آصف شر جي لاش ملڻ کان پوء اڪري پوليس وارثن جي شڪ ڏيکارڻ بعد جاويد شر ۽غلام حسين شر کي گرفتار ڪيو هو  مقتول آصف شر جي وارث 22 ڏينهن گذرڻ باوجود قتل جو ڪيس داخل نہ ڪرائي سگهيا بنا ڪيس جي گرفتار ٿيل غلام حسين شر جي والد درمحمد شر سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن بعد ڪاروائي عمل ۾ آئي ٻي طرف مقتول آصف شر جي وارثن شڪيل شر ۽حاڪم علي شر الزام هڻندي چيو تہ پوليس هٿ سان اها ڪاروائي ڪرائي آهي معمولي نوعيت جي بنا ڪيس داخل جي جوابدار کي پوليس نجي اوطاقن يا جڳهن تي لڪائيندي آهي پر هنن کي ٿاڻي تي رکيو ٻي طرف ايس ايڇ او اڪري موجب مقتول آصف شر جي وارثن ڪيس داخل نہ ڪرايو اڄ گرفتار ٿيل غلام حسين شر جي پيء درمحمد شر جي درخواست تي جج ڇاپو هنيو ۽بنا ڪيس داخل ٿيلن کي آزاد ڪرائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.