ٽنڊو آدم واسڻ ناري سان سهري ۽ ٻن ڏيرن جي مبينا لڄالٽ

ٽنڊو آدم (  ن  ع آ ) ٽنڊي آدم جي ڪهيري پاڙي جي رهواسڻ ناري نرما ڌيءَ نزاڪت ڪهيري لاکا روڊ ۾ ساهراڻي گهر ۾ مڙس جي ٻن سالن  کان سعودي عرب وڃڻ سبب سهري سڪندر خاصخيلي ۽ ٻن ڏيرن ذاڪر ۽ جاويد مسلسل ٻن سالن کان مبينا طور لڄالٽ جو نشانو بڻايو جنهن سبب ناري 7 مهينن جي حمل سان ٿي وئي آهي جيڪا وجھ وٺي گهران نڪري ٽنڊي آدم ۾ پنهنجي پيءَ نزاڪت ڪهيري جي گهر پهچي وئي ان سلسلي ۾ متاثر ناري نرما ڪهيري ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته 4 سال اڳ ۾ لاکا روڊ واسي منير خاصخيلي سان مائٽن شادي ڪرائي جيڪو به مارڪٽ ڪندو هو پر 2 سال اڳ مڙس جي ڪمائڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻ کانپوءِ مون تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا هن الزام هڻندي چيو ته گهر ۾ سهرو سڪندر خاصخيلي ۽ 2 ڏير ذاڪر ۽ جاويد 2 سالن کان لڄ لٽيندا رهيا جنهن سبب مون کي 7 مهينن جو حمل ٿي ويو آهي هن ٻڌايو ته منهنجي مزاحمت ڪرڻ تي مونکي ٽئي ڄڻا تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا آئون وجھ وٺي ڀڄي نڪري  ٽنڊي آدم ۾ مائٽن وٽ پهتي آھيان هن چيو ته مون سان طلم ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي ان موقعي تي ناري جي والد نزاڪت ڪهيري دانهيندي چيو ته منهنجي نياڻي سان وڏو ظلم ٿيو آهي ظالمن اسان کي اجاڙي ڇڏيو اسان سان انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.