جيڪب آباد مان اڳوڻو ڪائونسلر بلوچستان پوليس هٿان گرفتار

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد جي ڳوٺ حسين بخش بروهي جو رهواسي اڳوڻو ڪائونسلر حسين بخش بروهي کي بلوچستان جي صحبت پور ٿاڻي جي پوليس جيڪب آباد جي وچ شهر فيضان مدينه ڀرسان پڪڙي زبردستي پوليس موبائيل ۾ وجهي کڻي وئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته حسين بخش بروهي مٿان بلوچستان جي صحبت پور ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل هو جنهن ۾ هو روپوش هو جنهن ڪري کيس بلوچستان جي پوليس جيڪب آباد مان گرفتار ڪري کڻي وئي آهي.

ڏهرڪي ۾ يتيم نينگر سان بدفعلي، جوابدار گرفتار

ڏھرڪي ) ت ر ( ڏھرڪي لڳ ناڪو نمبر پنج تي ٻن جوابدارن يتيم نينگر ارسلان علي شيخ کي  کنڀي کيس نشي آور شي پياري بدفعلي جو نشانو بڻايو آھي، جنھن کي نيم بيھوشي واري حالت ۾ ڏھرڪي اسپتال آندو ويو آھي. ان موقعي تي سندس ماءُ غلام فاطم ميڊيا کي ٻڌايو ته مان بيوا ھ آھيان. منھنجي يتيم پٽ کي ڀيو برادري جي اويس علي ۽ علي حيدر بدفعلي جو نشانو بڻايو آھي ھن چيو ته جوابدار بااثر آھن، ان ڪري ڏھرڪي پوليس اسسن جو ڪيس داخل نه  ٿي ڪري.  ايس پي گھوٽڪي انصاف ڪري،  ڏھرڪي پوليس جوابدار حيدر ڀيو کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.