مهانگائي ڪري وسيلا گڏ ڪرڻ ظلم آهي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته بنيادي شيون مهانگيون ڪري وسيلا گڏ ڪرڻ هڪ بدترين ظلم آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان جي دور ۾ کنڊ 52 رپيا ڪلو هئي، جڏهن ته هاڻوڪي دور ۾ اهو هڪ خيال ئي بڻجي ويو آهي ان جي قيمت گهڻي وڌي وئي آهي.

هن چيو ته اسان جي دور ۾ اٽو 35 رپيو ڪلو هوندو هو ۽ اڄڪلهه 75 رپيا ڪلو تي وڃي پهتو آهي اها آهي تبديلي سرڪار جي تبديلي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته خوراڪ جو سڀ شيون مهانگيون ڪري وسيلا گڏ ڪرڻ هڪ وڏو ظلم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.