رتوديري لڳ فائرنگ ۾ اي ايس آءِ مارجي ويو

 

رتوديرو(ويب ڊيسڪ) رتيديري جي علائقي وارث ڏنو ماڇي ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ مارجي ويو آهي.

پوليس موجب مارجي ويل اي ايس آءِ برڪت علي ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ گهر وڃي رهيو هو ته مٿس حملو ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي ڌيءَ جي فرياد تي چئن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد کين گرفتار ڪيو ويندو، اي ايس آءِ برڪت علي جا پنهنجي برادري جي ماڻهن سان ذاتي تڪرار هلندڙ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.