دهشتگردي جي خاتمي لاءِ چين ۽ پاڪ فوج جي گڏيل مشقن جو افتتاح

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)نيشنل ڪائونٽر ٽيريزم سينٽر پبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل مشق 2021 جي افتتاحي تقريب ٿي گذري.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب مشق م چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) ۽ پاڪ فوج جي دستن حصو ورتو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردي جي روڪٿام واري ڪاررواين جي طريقيڪار ۽ ان ۾ مهارت لاءِ مشق ڪئي پئي وڃي.

مشق ۾ ڪورڊن اينڊ سرچ، ڪمپائونڊ ڪليئرنس، ڪلوز ڪوارٽر بيٽل ۽ ميڊيڪل نيڪالي شامل آهي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مشق جومقصد اسپيشل سروسز، قانون نافذ ڪندڙ ايجنسين ۾ ڀائيچاري ۽ سهڪار کي وڌائڻ آهي.

مشق جو مقصد بحران واري صورتحال ۾ فوج جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ ميڪانزم شامل آهي.

مشقن جو پهريون ملڪ لاڳاپيل ملڪن ۾ 26 کان 31 جولاءِ 2021 تائين ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.