لبنان ۾ وڏي اونداهين جا امڪان وڌي ويا

 

بيروت(ويب ڊيسڪ) لبنان جي سرڪاري بجلي ڪمپني چيو آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين سڄي ملڪ ۾ مڪمل طور بليڪ آئوٽ جو خطرو آهي ڇو ته ان جي لاءِ تيل جا ذخيرا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن.

معاشي بحران ۾ ٻڏل لبنان گذريل ڪجهه مهينن کان ٻارڻ جي کوٽ جو شڪار آهي ۽ گهڻي قدر لبناني عوام بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ جنريٽرن جو استعمال ڪري رهيا آهن.

خميس ڏهاڙي سرڪاري پاور ڪمپني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته عراق سان ٿيندڙ ڊيل ذريعي ڪمپني تيل مان 500 ميگاواٽ کان به گهٽ بجلي پيدا ڪري سگهندي.

ڪمپني جو چوڻ هو ته ان جي گريڊ اي ۽ گريڊ بي فيول جا ذخيرا هڪ نازڪ جاءِ تي پهچي چڪا آهن جڏهن ته اڳ ۾ ئي ڪجهه پلانٽن تي تيل ختم ٿي ويو آهي ۽ اتي هاڻي بجلي جي پيداوار روڪي وئي آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور 7 ڀيرا بليڪ آئوٽ ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن هاڻي حالتون اهڙيون ئي رهيون ته سيپٽمبر جي آخر تائين ملڪ ۾ هڪ وڌيڪ مڪمل بليڪ آئوٽ جا خطرا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.