”پاڪستان ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي شرح 46 سيڪڙو کان وڌي وئي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ نوجوانن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جو مرض وڌندو پيو وڃي ۽ 2020ع جي ڊيٽا موجب ملڪ جي 46 سيڪڙو آبادي هائپرٽينشن يا بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي.

پاڪستان هائپرٽِينشن سان  واسطو رکندڙ دل جي ماهرن پروفيسر محمد اسحاق، ڊائون يونيورسٽي جي پروفيسر آف ڪارڊيولاجي جي ڊاڪٽر نواز لاشاري ، ڊائريڪٽر هيلٿ ڪراچي ڊاڪٽر اڪرم سلطان ۽ ٻين  ڪراچي پريس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلڊ پريشر جو مرض دنيا جي سڀ کان وڏي بيماري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ دل جي سبب ٿيندڙ موتن، گڙدن جو فيل ٿيڻ، فالج جهڙا مرض ٿين ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.