لعلورائنڪ :وڳڻ جي اخباري ھاڪر جي ڀيڻ ۽ ڀاڻج جو پٽ مبينا اغوا، مظاهرو

لعلو رائنڪ: وڳڻ جي ھاڪر خالد مغيري جي ڀيڻ پنهنجي ننڍڙي پوٽي سميت وڳڻ ٿاڻي ڀرسان مبينا طور گم ٿي وئي، اين سي داخل ٿيڻ کانپوءِ به پوليس ڪو قدم نه کنيو، عورتن مردن ۽ ٻارڙن پاران پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي عورتن مسمات  ( ز ) مسمات ( م ) ۽ معصوم نينگر جي امڙ مسمات ( س) ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس سس مسمات رضيا خاتون پنهنجي پوٽي بلاول کي دعا ڌاڳي لاءِ کڻي وئي هئي جتان واپس ناھي ٿي ۽ سندس ننڍڙو کير پياڪ پنجن مھينن جو آهي،  گزريل پنجن ڏينهن کان پريشان آهن،  اولاد جي ڪري روئي روئي بيحال ٿي وئي آهي، هن چيو ته پاڪ ڪتاب واسطي ننڍڙي معصوم  تي رحم کائي کيس واپس ڪرايو وڃي ، مغوي عورت جي  ڀائرن وزير علي ـ عبدالستار ـ خالد ۽ پٽ مھتاب علي ٻڌايو ته امڙ ڀائٽِ کي دعا  لاءِ کڻي وئي هئي پر اتان واپس ناهي ٿي پنجن ڏينهن کان مسلسل  ڳولا بعد ڪو به ڏس پتو نه پئجي نه سگھيو آهي ۽ مسلسل فون نمبر پڻ بند ملي رھيو آهي، هنن چيو ته وڳڻ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، هنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر  کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي انهن کي انصاف ڏياريو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.