آمريڪي سفارتخاني جي وفد جي مولانا فضل الرحمان جي گهر آمد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سفارتخاني جي وفد جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس گهر ۾ ملاقات ڪئي آهي.

مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ آمريڪي سفارتخاني جي وفد افغان تڪرار جي سياسي حل سميت خطي جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

جي يو آءِ فنڪشنل جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي سفارتخاني جي وفد افغان تڪرار جي سياسي حل ۽ خطي جي گڏيل صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جو اظهار ڪيو.

وفد ۾ پوليٽيڪل قونصلر رچرڊ نيلسز، پوليٽيڪل اڪنامڪ سيڪشن چيفف اينڊريا هيليئر ۽ پوليٽيڪل آفيسر مليسا ڪريفورڊ شامل هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.