ميدان جنگ ۾ منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ سهڪار جي ضرورت آهي: آرمي چيف

 

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا اسٽيٽ آف دي آرٽ سينٽر آف انٽيگريٽڊ ايئرڊفينس بيٽل مينيجمينٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف کي ايئر ڊفينس بيٽل مينيجمينٽ جي طريقيڪار ۽ ان کي مڪمل فعال ٿيڻ تي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف پاڪستان آرمي ايئرڊفينس جي پيشوراڻي مهارت جي ساراهيو ۽ پاڪستان آرمي ايئرڊفينس جي آرپيشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته مستقبل جي ميدان جنگ سان منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ سهڪار جي ضرورت آهي.

آءِ ايس پي آر جي موجب پاڪستان آرمي ايئر ڊفينس جديد، انتهائي درست ۽ خطرناڪ وڏي رينج واري هٿيارن جو نظام آهي، پاڪستان آرمي ايئر ڊفينس هوائي سرحدن ۾ دشمن جي ڪنهن به اڻوڻندڙ حرڪت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.