حيدرآباد: پيپلز پارٽي پاران وفاقي حڪومت خلاف باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو

حيدرآباد: پيپلز پارٽي حيدرآباد پاران وفاقي حڪومت خلاف باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي دوران گيس، بجلي جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي،وفاقي کاتن مان ملازم جي برطرفي خلاف سخت احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي وئي،ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارن بيهجي ويون، ان موقعي تي  پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراه ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته  عوام اڄ ڌرڻي لاءِ گهران نڪتو آهي ،   ۽ اڄ اسين سنڌ جي پاڻي بند ٿيڻ خلاف ڌرڻو ڏئي رهيا آهيون، افسوس آهي ته شرم هنن کي نه ٿو اچي، هن حڪمرانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان  جيڪڏهن  عوام کي ماني ڪپڙا ۽ گهر ڏيو ها ته عوام اوهان جي خلاف ڌرڻو نه ڏئي ها، هن چيو ته سنڌ جو معاشي قتل عام ۽ ميڊيا جو معاشي قتل عام بند نه ٿيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو هن حڪمرانن خلاف ڪمون شهيد تي ڌرڻي جي ڳاله ڪئي ته حيدرآباد جو عوام ان سان گڏ  هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.