ڪراچي: تبديليءَ جي نالي تي آمريت کي منهن ڏئي رھيا آھيون: پ پ اڳواڻ حسن مجبتيٰ

ڪراچي :پ پ پ پنجاب جي پارلياماني اڳواڻ حسن مجتبيٰ چيو آهي  ته ملڪ ۾  ضياء جي باقيات اڄ به موجود آهي،  تبديليء جي نالي تي آمريت کي منهن ڏئي رھيا آھيون. نااھل حڪومت جي ڪري بيروزگاري ۽ مھانگائي سبب ملڪ تباھيء جي ڪناري تي پھچي ويو آهي عمران جي ناقص پاليسي سبب پنجاب ۾ بلاول جو دورو ڪامياب رھيو،  وڏي انگ  ۾ ماڻهن پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو  ته ھي پاڪستان قائد عوام ڀٽو جو آهي جنهن بي نام زمين کي آئين ڏنو ۽ قومي سڃاڻپ ڏني ،ھڪ سوال جي جواب م هن  چيو ته پنجاب اندر ڪنٽونمينٽ اليڪشن ۾ شڪست جو سبب گذريل ڇھن مھينن کان تنظيم سازي نه ڪرڻ ۽ ورڪر ۽ قيادت ۾ گيپ ھجڻ آهي. ھن چيو ته ايندڙ وقت جو وزيري اعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.