انٽر سروسز گالف چيمپئن شپ 2021 لاهور ۾ منعقد

اسلام آباد (پ ر) انٽر سروسز گالف چيمپئن شپ 2021 پاڪستان ايئر فورس سڪائي ويو گالف اينڊ ڪنٽري ڪلب لاهور ۾ منعقد ٿي، ايئروائيس  مارشل ظفر اسلم، ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سينٽرل ايئر ڪمانڊ چيمپئن شپ جي تقريب ۾ انعام ورهائڻ جا خاص مهمان هئا، ان موقعي خطاب ڪندي هنن ڪورونا وبا جي حالتن باوجود هن ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ تي سمورن شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته هي ٽورنامينٽ  ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته گالف هڪ اهڙي راند آهي، جيڪا ٽنهي هٿيار بند فوج کي ويجهو آڻي صحتمند  راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏئي ٿي، انٽرنيشنل گالف چيمپيئن شپ جي پروفيشنل ٽرافي هوائي فوج کٽي ورتي، جڏهن ته پاڪ آرمي گالف جي ايميچئر ٽرافي حاصل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.