نادرا جي ڪووڊ ويڪسي نيشن جي حوالي سان وڏي سهولت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان مختلف ملڪن ڏانهن سفر ڪرڻ توڙي ملڪ اندر سفر ڪرڻ لاءِ ڪووڊ ويڪسين جو سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنل آهي.

ان حوالي سان نادرا ملڪ جي عوام لاءِ وڌيڪ سهولت ڪندي هڪ ٻيو اهم قدم کنيو آهي.

نادرا ڪووڊ 19 ويڪسي نيشن پاس متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

نيشنل ڊيٽا بيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جو چوڻ آهي ته اداري جي ڪورونا ويڪسي نيشن پاس جديد طرز ۽ عالمي معيار جي آهي ۽ ويڪسي نيشن پاس کي ڪيو آر ڪوڊ سان جوڙيو ويو آهي، ڪيو آر ڪوڊ جي اسڪيننگ سان شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ نمبر ۽ ويڪسي نيشن جا تفصيل سامهون اچي ويندا، جڏهن ته جعلسازي ذريعي اهڙي پاس ۾ ڪيو آر ڪوڊ نٿو لڳائي سگهجي.

ترجمان ٻڌايو ته ويڪسي نيشن پاس ٻاهرين ملڪ ويندڙ ڪنهن به اٿارٽي کان چيڪ ڪرائي سگهجي ٿو، نادرا اهو ئي ويڪسي نيشن ڪارڊ جاري ڪندو آهي جنهن جي انٽري ويڪسي نيشن مرڪزن ۾ ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.