افغان ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ کان روڪڻ غير اسلامي آهي: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عورتن جي حوالي سان وڏو بيان ڏئي ڇڏيو آهي.

عمران خان چيو آهي ته افغانستان جي ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ کان روڪڻ غير اسلامي عمل آهي.

برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جون عورتون مضبوط آهن، دنيا انهن کي وقت ڏئي اهي پاڻ ئي پنهنجا حق وٺنديون.

هن چيو ته افغان عورتن کي پنهنجا حق وٺڻ ۾ هڪ، ٻه يا ٽي سال لڳي سگهن ٿا، طالبان چئي چڪا آهن ته مرحلي وار عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته غير مستحڪم افغانستان دهشتگردن جي لاءِ آئيڊيل  هوندو، سڀني کي گڏائي هلڻ سان افغانستان ۾ پائيدار امن قائم ٿيندو، 20 سالن جي جنگ کانپوءِ نئين حڪومت کي اقتدار ۾ ايندي اڃا هڪ مهينو ئي ته ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.