ميرپورخاص: پنهنجي زمين تي دڪان اڏائيندڙ تي بااثرن جو حملو، ڪپڙا ليڙون ليڙون

تعلقي ٿاڻي جي حد پبلڪ اسڪول روڊ تي بچل شاھ ڳوٺ  ۾ بااثرن پاران مبينا ڀتو نه ڏيڻ تان زمين مالڪ لالو مينگھواڙ  کي اڏاوت ڪرڻ کان روڪيندي سندس ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري مٿس تشدد ڪيو ويو، ان موقعي تي  لالو مينگھواڙ  جو چوڻ هو ته   بااثر  شير علي ۽ ڄام ملڪاڻي کين پنهنجي ئي زمين تي دڪان تعمير کان روڪي رهيا آهن ۽ مبينا ڀتو گهري رهيا آهن، سندس چوڻ هو ته ھنن جي نالي جي چار ايڪڙ زمين آهي جتي ھو دڪان تعمير ڪرائي رهيا هئا، جنهن تي  شير علي ملڪاڻي ء ڄام ملڪاڻي حملو ڪري ڏنو ،  متاثر لالو مينگھواڙ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.