سائنس جي وڏي ايجاد، هاڻ دنيا کي اي سي جي ضرورت نه پوندي!

آمريڪي سائنسدانن اهڙو رنگ تيار ڪيو آهي جنهن جي مدد سان گھر يا آفيس ۾ اي سي لڳائڻ جي ضرورت ختم ٿي ويندي.

پورڊ يونيورسٽي جي انجينيئرز طرفان اهڪ اهڙو انوکو رنگ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو سج جي روشني کي عمار جي ڀت کي گرم ٿيڻ کان بچائي سگھي ٿو.

اهو رنگ 98.1 سيڪڙو سول ريڊي ايشن کي ريفليڪٽ ڪري سگھي ٿو جڏهن ته انفراريڊ حرارت کي به خارج ڪري ٿو جنهن سبب رنگ جي هيٺان موجود سطح بجلي کان سواءِ ٿڌي رهي ٿي.

ان اڇي رنگ کي تيار ڪرڻ ۾ ماهرن کي 7 سال لڳا آهن جنهن کي موسمياتي تبديلين جي روڪ ٿام لاءِ بڻايو ويو هو پر هاڻ ان کي گنيز بڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ان اڇي رنگ سان هڪ اسڪوائر فٽن کي ڪور ڪرڻ سان ايتري ڪولنگ ٿي جنهن کي 10 ڪلو واٽس پاور جي برابر سمجهو وڃي ٿو.

 

 

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته ٻيا رنگ سج جي روشني کي سول ريڊي ايشن کي 80 کان 90 سيڪڙو تائين ريفليڪٽ ڪندا آهن پر ان ۾ رنگ جي هيٺان موجود سطح کي ٿڌو ڪرڻ جي صلاحيت ناهي هوندي.

آمريڪي ماهرن ان رنگ ۾ ڪيميائي مرڪب بريم سالفيٽ ۽ بريم سالفيٽ جي مختلف حجم جي ذرڙن جو استعمال ڪيو آهي.

محققن کي اميد آهي ته اهو رنگ مستقبل ۾ گھرن، ڇٿين، گاڏين ۽ شاهراهن تي استعمال ٿيندو جنهن سان عمارت ۾ وڌيڪ توانائي استعمال ڪندڙ اي سي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.