مستقبل اسان جو آهي، مهانگائي ڪري خرچ گهٽائڻ جو چيو پيو وڃي: راڻا ثناءُ الله

 

ملتان (ويب ڊيسڪ)اپوزيشن پارٽي مسلم ليگ (ن) ملتان ڊويزن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي صدر رانا ثناءُ الله، نائب صدر حمزه شهباز ۽ مريم نواز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

اجلاس جي  شروعات ۾ نون ليگ پنجاب جي سيڪريٽري جنرل اويس لغاري تنظيمي معاملن تي بريفنگ ڏني، رانا ثناءُ الله پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نون ليگ پنهنجي تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي طاقت جو صحيح نموني سان استعمال ڪرڻ گهرجي، نواز شريف 5 پوائنٽ 8 سيڪڙو جي شرح ڏئي پاڪستان کي ترقي جي رستي تي آندو.

نون ليگ پنجاب جي صدر جو چوڻ هو ته 2017ع ۾ پاڪستان جي ترقيءَ جو سفر هڪ ڀيڙو ٻيهر روڪيو ويو، بهترين ماضي جو وقت اسان جي شاهدي ڏيندو، انشاءَالله اسان جو مستقبل به روشن آهي.

رانا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم هائوس جو خرچ وڌي ويو آهي، پر قوم کي خرچ گهٽ ڪرڻ جو درس ڏنو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.