قائم علي شاهه غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس مان آجو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف 44 ايڪڙ ايراضي ڪيس واپس وٺي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ نيب سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي خلاف 44 ايڪڙ ايراضي ڪيس واپس وٺي ڇڏيو آهي.

عدالت ڪراچي ۾ 44 ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ نيب پراسيڪيوٽر جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ درخواست کي اڪلائي ڇڏيو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ بيان ڏنو ته قائم علي شاهه خلاف ڪو به ثبوت ناهي ملي سگهيو، جنهن سبب درخواست اڪلائي وئي.

واضح رهي ته نيب طرفان قائم علي شاهه مٿان 44 ايڪڙ زمين غير قانوني طور تي الاٽ ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.