افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ لڳاتار سفارتي دور شروع ڪيو آهي: جو بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ آمريڪا لڳاتار سفارتڪاري جو دور شروع ڪيو آهي.

آمريڪي صدر چيو ته عالمي چيلينجن جي مقابلي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، انڊوپيسفڪ سميت ٻين چيلينجن جي مقابلي جي لاءِ گهڻي سهڪاري ادارن جو استعمال ڪرڻو پوندو.

صدر جو بائيڊن چيو ته آمريڪا رڳو صاف ۽ بامقصد ملٽري مشنز ۾ مصروف رهندو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا ايندڙ سال گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڪونسل جي سيٽ ٻيهر کٽڻ لاءِ تيار آهي.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ڪمزور ملڪن تي قبضو ڪرڻ واري مضبوط ملڪن جي مخالفت ڪندو، اسان نئين سرد جنگ نٿا چاهيون، آمريڪا پرامن حل ڪندڙ ڪنهن به قوم سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران کي جوهري هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ جي لاءِ آمريڪا پنهنجي واعدي تي قائم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.