پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪندڙن کي بخش نه ڪبو: طالبان

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪ مان پاڪستاني جهنڊو لاهڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

واقعي تي ردعمل ۾ ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته جنهن طورخم تي پاڪستاني امدادي سامان کڻي ويندڙ گاڏيءَ مان پاڪستاني جهنڊو لاهي ان جي بي حرمتي ڪئي آهي، ان جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته اهو هڪ افسوسناڪ واقعو آهي، ڇو ته اها امدادي سامان کڻي ويندڙ گاڏي آهي، واقعي تي اسان کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، واقعي تي سڀني اڳواڻن به افسوس جو اظهار ڪيو آهي، اڳتي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا ويندا.

واضح رهي ته پاڪ افغان سرحد طورخم بارڊر تي طالبان ويڙهاڪن طرفان امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪ مان پاڪستاني جهنڊو لاهڻ وارو واقعو پيش آيو آهي.

واقعي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته طالبان ويڙهاڪ ٽرڪ مان پاڪستاني جهنڊو لاهي نعريبازي ڪري رهيا هئا.

ان واقعي تي سوشل ميڊيا جي واهپدارن به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.