نوڪيا جو سستو 5 جي فون ۽ اينڊرائيڊ ٽيبليٽ جلد متعارف ٿيندو

آڪٽوبر 2021ع مهيني ۾  نئين ۽ سستي 5 جي نوڪيا فون ۽ اينڊرائيڊ ٽيبليٽ متعارف ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ۾ ڪمپني طرفان ڪجهه فيچرز ۽ سمارٽ فونز سان گڏ هڪ وڏي دٻي جي تصوير کي شيئر ڪندي 6 آڪٽوبر جي تاريخ ٻڌائي وئي آهي.

مختلف افواهن موجب ايچ ايم ڊي گلوبل طرفان 6 اڪٽوبر تي نوڪيا جي 5 فائيو جي سمارٽ فون ۽اينڊرائيڊ ٽيبليٽ متعارف ڪرايو ويندو.

جي 50 ڪمپني جو سستو 5 جي فون هوندو.

جي 50 فائيو جي ۾ سنيپ ڊراگون 480 پراسيسر ڏيڻ جو امڪان آهي جيڪو 5 جي سپورٽ فراهم ڪندو.

فون ۾ 6.8 انچ جي ايڇ دي پلس ڊسپلي ۽ 4850 ايم اي ايڇ بيٽري موجود هوندي.

فون کا ڈیزائن ایسا ہوگا — فوٹو بشکریہ ایچ ایم ڈی گلوبل

فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل سينسر سان ليس هوندي جڏهن ته ڪجهه ليڪ ٿيل تصويرن ۾ فون سان گڏ نوڪيا برانڊڊ ٽي ڊبليو ايس ايئرفونز کي به ڏيکاريو ويو آهي، جنهن مان اشارو ملي ٿو ته ڪجهه مارڪيٽن ۾ اها فون ايئربڊز سان گڏ دستياب هوندي.

6 کان 8 جي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏيڻ جو امڪان آحي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان اضافو ڪري سگھجي ٿو.

ٽي 20 ٽيبليٽ ۾ 10.36 انچ ڊسپلي 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج سان گڏ هوندي.

اهواسپليش ريزيزٽنٽ فون هوندو جڏهن ته فنگر پرنٽ سينسر سائيڊ ۾ ڏنوويندو.

ٽيبليٽ ۾ امڪاني طور تي يوني ايس او سي جو ڪو به پراسيسر ٿي سگھي ٿو جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم، 4 جي ۽ واءِ فاءِ اونلي سپورٽ به ڊوائيس جو حصو هوندي.

اهو 2015 جي اين 1 کان پوءِ نوڪيا جو پهريون ٽيبليٽ به هوندو.

نوڪيا طرفان هڪ فليگ شپ فون به 11 نومبر تي متعارف ٿيڻ جوا مڪان آهي پر ان کان اڳ هڪ مڊرينج 5 جي فون ۽ اينڊرائيڊ ٽيبليٽ پيش ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.