اسان جهڙو ليڊر ۽ ووٽ بينڪ ڪنهن وٽ ناهي: مريم نواز

 

ملتان(ويب ڊيسڪ)مخالف ڌر پارٽي مسلم ليگ نون جي نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جو ڪو مستقبل آهي ته اها نون ليگ ئي آهي، ڪنهن به پارٽي وٽ نه اسان جهڙو ليڊر آهي ۽ نه ئي ووٽ بينڪ آهي.

لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي ملتان ۾ ٿيندڙ پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو آهي ته اسان کي بيان بازي جي تڪرار ۾ نه اچڻ گهرجي ۽ نه ئي ان تي ڪو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پارٽي اڳواڻن سان ظلم ۽ جبر ٿي رهيو آهي، انجي باوجود ڪينٽومينٽ بورڊ اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي ملي.

نون ليگ جي نائب صدر وڌيڪ چيو ته نون ليگ ڪيتري وڏي طاقت آهي ان جو اندازو دشمنن ۽ حڪومت کي ئي آهي، اڄ به انهن کي مسلم ليگ نون کي هارائڻ لاءِ دانڌلي ۽ ووٽ چوري ڪرڻا پوندا آهن.

مريم نواز چيو آهي ته اسان جو موقف ئي اسان جي سڃاڻ آهي، جيڪڏهن اسان وٽ موقف نه هجي ها ته اسان ۾ ۽ ٻين پارٽين ۾ ڪو به فرق نه هجي ها.

سندس چوڻ هو ته اهي دانڌلي ڪري ٻيهر اچڻ چاهين ٿا، مان انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته هاڻي ووٽ چوري ڪرڻ ممڪن ناهي، سڄي ملڪ ۾ ووٽ کي عزت ڏيو جو موقف هلي رهيو آهي، اڄ هر ادارو پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

پنهنجي خطاب ۾ مريم نواز چيو ته انهن جا رازن تان پردو کڄي رهيو آهي، انجي ڪري ئي اهي اليڪشن ڪميشن تي حملي آور ٿيا آهن، جيڪڏهن اسان ڪمزور ٿياسين ته اهي مٿي تي چڙهي ويندا اسان کي مضبوط ٿيڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ايندڙ چونڊون اسان جون آهن، انڪري اسان کي مضبوطي ۽ اتحاد سان اليڪشن وڙهڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.