الخدمت جا رضاڪار اسان جو وڏو سرمايو آهن: محمد عبدالشڪور

ڪراچي (پ ر) الخدمت فائونڊيشن جي صدر محمد عبدالشڪور چيو آهي ته رضاڪار اسان جو سب کان وڏو سرمايو آهن، ملڪ ۾ ڪنهن به اوچتي آفت ۽ حالتن جي صورت ۾ الخدمت جا رضا ڪار هر وقت موجود هجن ٿا ۽  مشڪل رستن تان گذري بر وقت امداد ۽ رليف جو سامان پهچائين ٿا، ڪفالت شعاري، صحت تعليم، ڊزاسٽر مئينجمينٽ، صاف پاڻي، سماجي  خدمتن سميت ڪيترن شعبن  جي ٽيم کي عالمي معيار تي آڻڻ لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ ۽  ورڪشاپن جو سلسلو جاري آهي. ضلعي سطح تي ٽيمون به ان حوالي سان جدت آڻي رهيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن  ريجنل صدر رضوان  احمد جي صدارت هيٺ  الخدمت  اتر پنجاب جي جنرل ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي مرڪزي نائب صدر خالد وقاص، سينيئر ريجنل نائب صدر سيد عتيق الرحمان ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سيد امجد شاهه ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.