الخدمت سڄي سنڌ ۾ نالو ڪمايو آهي : محمد حسن محنتي

ڪراچي ( پ ر ) الخدمت فائوڊيشن سنڌ جي جنرل ڪائونسل اجلاس ۽ مرڪزي الخدمت فائوڊيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري جي زيرنگراني ۾ ڪراچي جي نجي هال ڪيو ويو. جنهن ۾ جماعت اسلامي جي امير سنڌ محمد حسين محنتي، الخدمت فائوڊيشن پاڪستان جي نائب صدر  ڊاڪٽر مشتاق منگٽ، سيڪريٽري جنرل سنڌ محمد شاھد، نائب صدر محمد يونس، ڊپٽي سيڪريٽري نسيم انصاري ضلعن جا صدر ۽ هر شعبي جي ڊائريڪٽر پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ضلعن جي صدر الخدمت جي گذريل سال جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ سال جي منصوبن جي باري ملٽي ميڊيا پروجيڪٽ  تي اگاه ڪيو. جنهن ۾ محمد مشتاق منگٽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي تعريف ڪندي چيو آهي ته الخدمت سنڌ اندر هر ڏينهن پنهنجي ڪاوشن کي پاڻ مڃايو آهي ۽ اهو وچن ورجايو ت الخدمت قافلي ۾ نوان ماڻهو کي شامل ڪيو وڃي ۽ چيائين ته اداري ۾ موجود ماڻهن کي وڌيڪ محنت کي برقرار جي ضرورت آهي ۽ اها محنت ئئ وڏي ڪاميابي جو راز آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.