معذورڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف نوابشاهه واسي جو احتجاج

نوابشاه(ڊ ر) سماج جي بي حسي ۽ لاپرواهي کان تنگ ٿي نوابشاهه جي علائقي سانگهڙ روڊ جي گلشن مقدس ڪالوني جو رھواسي ڄنگهن کان معذور نظير احمد چانڊيو معذوري ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال ڪندي چيو ته مان ٻنھي ڄنگھن کان معذور آھيان گذريل ٻن سالن کان روزگار جي ڳولا ۾ دربدر آھيان ليڪن ھن بي حس سماج ۽ ضلعي انتظاميه کي مون تي ڪوبه رحم نٿو اچي، ھن چيو مونکي ٽن ٻارن جو اولاد آھي جيڪي ھن وقت انتھائي بک ۽ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذاري رھيا آھن جڏھن ته مونکي ڪير سائيڪل به نٿو وٺي ڏئي، ھن چيو ته مان معذوري ڪوٽا تي نوڪري لاءِ درخواستون ڏئي ڏئي ٿڪجي پيو آهيان ليڪن مونکي معذوري ڪوٽا تي نوڪري نٿي ڏني وڃي، ھن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته مونکي معذوري ڪوٽا تي نوڪري ڏئي مونکي ۽ منھنجي ٻچن کي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.