يونائيٽڊ ميمڻ جماعت شهدادپور(رجسٽرڊ) جون چونڊون ٿي گذريون

شھدادپور (ن ع آ) يونائيٽڊ ميمڻ جماعت شهدادپور(رجسٽرڊ) جون چونڊون ٿي گذريون.يونائيٽڊ ميمڻ جماعت شهدادپور جون نيون چونڊون سال 2024-2021 لاءِ جماعت جي سرپرست ڪميٽي جي ميمبر ۽ چيئرمين اليڪشن ڪميٽي ڊاڪٽر ارشاد احمد ميمڻ،ميمبرن انجنيئر فدا حسين ميمڻ ۽ انجنيئر اويس اخترميمڻ جي نگراني ۾ ٿي گذريون،جماعت جي آفيس نزد علي مولا هائوس اسلام آباد پاڙو شهدادپور ۾ مرڪزي جماعت يونائيٽڊ ميمڻ جماعت آف پاڪستان ڪراچي کان آيل وفد جي دوري دوران، مرڪزي عهديدارن جي موجودگي ۾  متفقہ طور تي بنا مقابلي چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن ورڪنگ ڪميٽي جي نالن جو اعلان ڪيوويو. سال 2024-2021 لاءِ صدر انجنيئرزاهد حسين ميمڻ،سينئرنائب صدرسيٺ عرفان علي ميمڻ،نائب صدر ڊاڪٽراشفاق علي ميمڻ،جنرل سيڪريٽري اخترعلي ميمڻ،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حاجي سعيداحمد ميمڻ،جوائنٽ سيڪريٽري نثاراحمد ميمڻ،فنانس سيڪريٽري فرقان حيدر ميمڻ،انفارميشن سيڪريٽري رضوان نصير ميمڻ،رابطہ سيڪريٽري ظفرنويد ميمڻ،چيئرمين ورڪنگ ڪميٽي ڊاڪٽراشفاق احمد ميمڻ،نائب چيئيرمين انجنيئر ارشدعلي ميمڻ،ميمبرن ۾ انجنيئر ظهيرالدين ميمڻ،انجنيئرشاهد حسين ميمڻ،محمد نواز ميمڻ،عمران خان ميمڻ،سجادعلي ميمڻ،اطهرعلي ميمڻ،منصورعلي ميمڻ،جاويد اقبال ميمڻ چونڊيا ويا. مرڪزي جماعت جي عهديدارن تمام ڪامياب عهديدارن کي مبارڪباد ڏنيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.