سکر آٽو پارٽس آنرز ايسوسيئيشن جو سستائي ڪرڻ جو مطالبو

سکر(رپورٽر) سکر آٽو پارٽس آنرز ايسوسيئيشن جي صدر حاجي الاهي بخش شيخ بجلي جي بلن ۾ ايڊوانس ٽيڪس، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، تيل جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مطالبو ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام دشمن پاليسين تحت ڪم ڪري رهي آهي. عمران خان حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. حڪمران عوام جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن. هن اهڙيون ڳالهيون سکر آٽو پارٽس آنرز ايسوسيئيشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيون، اجلاس ۾ حاجي هارون ميمڻ، حافظ عمير احمد چوڌري، عبدالرشيد، طارق جاويد، عبدالغفار، عبدالهادي بنڌاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ملڪ جو عوام بجلي جي واڌو بلن، لوڊشيڊنگ ۽ ٻين ٽيڪسن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. صدارتي آرڊيننس ذريعي 35 سيڪڙو ايڊوانس انڪم ٽيڪس جو فيصلو عوام سان ظلم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.