ڪامريڊ حسن سمون سنڌ جو بچاءُ ڪيو:محبوب دل

ڊگھڙي (ن ع آ)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شھيد ڪامريڊ حسن سمون جي ستين ورسي جي موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ميرپورخاص طرفان پريس ڪلب ڊگھڙي ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي،ورسي تقريب کي ايس ٽي پي ضلع جنرل سيڪريٽري محبوب علي دل،اڪبر شر،پرويز نوحاڻي،نور محمد مهر،ضمير لغاري،ٺارو خان نوحاڻي،قادر بخش ڀنڀرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به سنڌ مٿان ڏکيو وقت تي آيو ته ان وقت ڪامريڊ حسن سمون جدوجهد جي اڳين صفحن ۾ نظر ٿي آيو هن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء ٿيندڙ مختلف جدوجهدن ۾ شريڪ رهيو سنڌ ڌرتي ۽ قوم لاء ڪيل جدوجهدن تي کيس اڄ سلام پيش ڪري رهيا آهيون،اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪي ڌرتي ۽ قوم لاء قرباني ڏيندا آهن انهن کي صدين تائين قومون ياد رکنديون آهن،هن وقت بحريا ٽائون،ٻيٽن تي قبضي سميت مختلف سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ڪارڪن اڳين صفحن ۾ موجود آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.