خيرپور ۾پاڻي جي شديد کوٽ ، شهرين پاران چونڊيل نمائندن جي گهيراءُ جو چتاءٌ

خيرپور(مختيار ڦلپوٽو)خيرپور شهر جي 40 کان وڌيڪ محلن جنهن ۾ محلا پنجهٽي،اوستوگاهي،چوڙيگر بازار،شاهي بازار،حيدري بازار،پنجگلو،ٻٽڙا محلا،بچل شاھ محلا ۽ ٻين محلن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوڻ پيدا ٿي وئي آهي شهري پري پري کان مٽ،ڪولر،جهريون،گوگهيون ڀري اچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترا ئي شهري وڪرو ڪندڙ چنگچن ۽ گڏ گاڏي وارن کان پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جنهن عمل خلاف پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل انتظاميا لاءِ شهر جي چوڪن ۽ چوهرائن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن جي اڳواڻي نويد سومرو،ٽڪر شيخ،سيد نعيم حسين شاھ، تحريڪ انصاف ضلعي خيرپور جو صدر سردار حاجي يار محمد مڱڻيجو ۽ ٻيا ڪري  رهيا هئا جن صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته جنهن ڏينهن کان وٺي پبلڪ هيلٿ جو انجينيئر ساجن مل مقرر ٿيو آهي ان ڏينهن کان وٺي شهري پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ سڪي مئوا آهن ڇو ته ساجن مل خيرپور جي سياسي درن جو کاٽو پٽ سڏجي ٿو ۽ پاڻي جي فراهمي جي لاءِ ايندڙ ماهواري بجٽ سياسي درن تي خرچ ڪري ٿو ۽ شهرين کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سڪائي ٿو هنن چيو ته انجينئر ساجن مل خيرپور شهر کي ڪربلا بڻائي ڇڏيو آهي ڪيترائي دفعا ميونسپل انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ جي انجينئر ساجن مل کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر شهرين کي پاڻي نه پهچايو ويو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جو گھراءُ ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري پبلڪ هيلٿ کاتي تي هوندي هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ميونسپول انتظاميا ٻڌيو ته گذريل 3 سال اڳ واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير مسلم هاني پيئڻ جي پاڻي جپ کاتو کسي پبلڪ هيلٿ کاتي کي ڏنو هو ان ڏينهن کان وٺي شهرين کي صاف پاڻي پهچائڻ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ذميواري آهي ميونسپل انتظاميا هر مهيني سوا ڪروڙ روپيا پبلڪ هيلٿ جي انجينيئر جي حوالي ڪندي آهي ته جئين پاڻي سپلائي ڪندڙ ملازمن جو پگھارو ڏنيو وڃن ۽ مشينري،موٽرن جئين رپيئرنگ ٿي سگھن…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.