ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي پريشان ڪندڙ آهي:جماعت اسلامي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، بيروزگاري ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ٻه اکيائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي توڙي سنڌ سرڪار سنڌ کي سينڊوچ بڻائي ڇڏيو آهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود عوام جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا ٿيندا پيا وڃن. روڊ رستا، تعليم ۽ صحت جو شعبو تباهه آهي، ڪروڙين، اربين روپين جي بجيٽ عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻ بدران مخصوص ڪرپٽ ٽولو پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ پورو آهي، ٻيو ته ڇڏيو پر سنڌ واسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن، انهن مڙني مسئلن جو حل صرف ديانتدار قيادت آهي، جنهن لاءِ جماعت اسلامي جاکوڙي رهي آهي. سنڌ جو عوام ايندڙ چونڊن ۾ ديانتدار قيادت کي ڪامياب ڪري ڪرپٽ ٽولي کان انتقام وٺي. عوام سڀني پارٽين کي آزمائي چڪي آهي هاڻي جماعت اسلامي کي موقعو ڏنو وڃي. سراج الحق جو ڪردار ۽ ڪم پوري قوم آڏو وآهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.