ملير ۾ شهرين جو گهر تي قبضي خلاف احتجاج

ملير (ڊ.ر) مختيارڪار اسڪيم 33 پنهنجي ساٿين سان گڏجي منهنجي گهر تي زبردستي قبضو ڪرايو آهي، پنهنجو گهر گهرڻ تان مون تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، چيف جسٽس کي اپيل آهي ته مختيارڪار اعجاز الحسن خلاف ڪيس داخل ڪري گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي، اهڙين ڳالهين جو اظهار اسڪيم 33 مدينا ڪالوني لڳ رهائشي عبدالمجيد جاگيراڻي رند، انسان دوست مظلوم فورم جي چيئرمين راجا گهانچو ۽ ٻين ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، عبدالمجيد جاگيراڻي چيو ته مدينا ڪالوني لڳ منهنجو پراڻو گهر آهي جنهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا مختيارڪار اسڪيم 33 اعجاز الحسن ڌمڪيون ڏنيون، جڏهن آئون بيماري سبب اسپتال داخل ٿيس ته پٺيان زبردستي منهنجي گهر تي قبضو ڪرايو ويو، پنهنجو حق گهرڻ تان منهنجي خلاف انڪروچمينٽ ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي، هن چيو ته آئون غريب مسڪين آهيان منهنجي پٺيان 14 ٻار ۽ 8 يتيم گڏ آهن، قبضي وقت منهنجي گهر مان قيمتي سامان پڻ ۽ اولاد جي شادي لاءِ گڏ ڪيل 14 لک رپين کان وڌيڪ جو شادي جو سامان چوري ڪيو ويو آهي، عبدالمجيد جاگيراڻي چيو ته آئون وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کان اپيل ڪريان ته گهر تي قبضي ۽ سامان چوري ڪرڻ جي ايف آءِ آر مختيارڪار اسڪيم 33 اعجاز الحسن خلاف داخل ڪري مون کي پنهنجو گهر ۽ چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ مون مٿان داخل ڪيل ڪوڙيون ايف آءِ آرون ختم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ مون کي ٻارن سميت جيل موڪليو يا سمنڊ ۾ اڇلايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.