شهدادپور لڳ تپيدار پاران رشوت وٺڻ جا اطلاع

شھدادپور (ن ع آ) ديه ڊڀرو ديھ رانجهون ٽالپر جي تپيدار شفيق ميمڻ رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي کاتيدارن کان جائز ڪمن تي ٻيڻي رشوت وٺڻ لڳو نيب ايف آء اينٽي ڪرپشن کاتو رشوت خور تپيدار خلاف قدم کڻي کاتيدارن جو مطالبو تفصيل موجڀ ديھ ڊڀرو ديھ راجهو ٽالپر جي کاتيدارن رحيم بخش محمد جمن سڀاڳو خان ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته روينيو ريڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ٿيڻ کان تپيدار کاتن جي مٽ سٽ داخلائن فوتي کاته مٽ ۽ ٻين ڪمن جا پيسه وٺي ٿو نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين پريشان ڪري ٿو هنن چيوته تپيدار خريف چيٽ جي ڍل ۾ به کين پريشان ڪري ٿو جڏھن ته غير آباد زمين جي ڍل وصول ڪري ٿو هنن چيوته تپيدار خلاف قدم نه کنيوويو ته اسين روينيو وزير بلاول هائوس تي ڌرڻو هڻنداسين وزير اعلي سنڌ روينيو جي وزير  سيڪٽري روينيو ميعبر بورڊ آف روينيو کان مطالبو ڪيو ته راشي تپيدار خلاف قدم کڻي سندس خلاف قدم کنيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.