شاهه لطيف يونيورسٽي جي وي سي پاران پنو عاقل ڪاليج جو دورو

خيرپور (  س ر ) شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سالياني امتحانن جو جائزو وٺڻ لاءِ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پنوعاقل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي امتحان ۾ شريڪ اميدوارن سان ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته نوجوان تبديلي ۽ قوم جي ترقيءَ جا مظھر ھوندا آھن. ھن اميدوارن کي ھدايت ڪئي ته ھو تعليمي ۽ صحتمند سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺن ڇاڪاڻ جو تعليم قومن جي تقديرون بدلائندي آھي. دوري جي موقعي تي ڪافي تعداد ۾ بوگس امتحاني سلپون پڪڙيون ويون. امتحان ۾ شريڪ اميدوارن کي ھدايت ٿي ڪجي ته ھو پنھنجي سيٽ نمبر جي http//exam.salu.edu.pk/seatlist تي تصديق ڪن. اميدوارن جو نمبر ويب سائٽ تي نه ھجڻ جي صورت ۾ بوگس سمجھيو ويندو. محمد حسن ھاليپوٽو ڪنٽرولر امتحانات، سيد منير شاھ راشدي آئي ٽي مينيجر دوري دوران وائيس چانسلر سان گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.