درگاهه سعدي موساڻي جو گيٽ نه کليو، دڪاندارن جو مظاهرو

نئون ڳوٺ (رپورٽ: شمشاد علي ساھڙ ) نئون ڳوٺ سنڌ جي مشهور درگاھ حضرت مخدوم سعدي موساڻي جي اوڀر واري گيٽ پنج سالن کان بند ڪئي وئي آهي گيٽ بند ھجڻ ڪري گيٽ جي سامهون لڳل دوڪاندارن جي رزوگار نه ٿيڻ تي دڪاندار وزير شاھ، وحيد ناريجو، فياض لاکير ۽ ٻين اوقاف کاتي خلاف درگاھ جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان وقعي تي مظاهرين دانهندي چيو ته پنج سالن کان بناجواز گيٽ کي بند ڪيو ويو آهي گيٽ بند هجڻ ڪري زائرين خريڍاري لاء اچن ئي نه جنهن سبب سڄو ڏينهن ويهي ويهي شام جو واپس هليا ٿا وڃون هنن چيو ته روزگار بند ٿيڻ ڪري اسان ۽ اسان جا ٻچا فاڪاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون، هنن اوقاف کاتي کي مطالبو ڪيو تہ اوڀر واري گيٽ کولي وڃي پريشان آهيون اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ھنن اوقاف کاتي جي صوبائي وزير ۽ چيف ايڊمنسٽر اوقاف حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته اوڀر واري گيٽ تي سڪيورٽي اھلڪار بيھاري گيٽ کولي اسان کي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي بيروگاري سبب واپارين جا پڻ قرضي ٿي ويا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.