ڪوٽ ڏيجي واسي واٽر سپلاءَ جا موٽر خراب هجڻ ڪري مٺي پاڻي کان محروم

ڪوٽڏيجي( ن ع آ) ڪوٽڏيجي ۾ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ  شديد اختيار ڪري وئي 3 ڏينهن کان  سڙيل واٽر سپلاء جون موٽرون  تبدیل نه ٿيڻ ڪري شهري کارو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن به نوٽيس نه ورتو خلق پريشان  خبر موجب تاريخي شهر ڪوٽڏيجي نڌڻڪو بڻجي ويو 3 ڏينهن کان واٽر سپلاء جون خراب ٿيل موٽرون تبديل نه ٿيڻ ڪري شهري کارو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن شهر جي مختلف پاڙا جنهن ۾  پارو پير دلبر، پاڙو بني هاشم، پاڙو شاهي امام بارگاهه، پاڙو سرائي محمد بخش، پاڙو قاسم آباد سميت مختلف پاڙن ۾ مٺو پاڻي نه اچڻ ڪري معصوم ٻار توڙي وڏا کارو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته کارو پاڻي استعمال ڪرڻ دوران شهري مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجڻ لڳا آهن ان سلسلي ۾ شهرين  استاد ساجد حسين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڪوٽڏيجي شهر ۾ 3 ڏينهن کان مٺيء پاڻي جي فراهمي بند پيل آهي ايس ڊي او پبلڪ ھيلٿ عبدالعزیز بوزدار آفيس نه اچڻ ڪري واٽر سپلاء جون سڙيل موٽرون تبديل نه ٿيڻ ڪري اسين شهري کارو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهيون هنن وڌيڪ چيو ته ڪوٽڏيجي تعلقو پيپلزپارٽي جو ڳڙھ سمجهو ويندو آهي پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ايم پي اي منور وساڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ جيلاني جو تعلق به هن تڪ سان هجڻ ڪري  علائقي جي عوام کي رليف ڏيڻ بدران ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهن سخت گرمي هجڻ باوجود شهري مٺي پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ پريشان آهن هنن وزير اعلي سنڌ، صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه ايم پي اي منور وساڻ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي اعلي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي نااهل ايس ڊي او پبلڪ ھيلٿ عبدالعزیز بوزدار کي هٽائي شهرين کي مٺو پاڻي فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.