گڊو ٿرمل پاور هائوس مان ملازم جو تشدد ٿيل لاش هٿ

گڊو (ن ع آ) گڊو ٿرمل پاورهائوس جي 600 ميگاواٽ اسٽور مان واپڊا ملازم تنوير حسن جو تشدد ٿيل لاش مليو. واپڊا ذريعن جو چوڻ آهي  تنوير حسن ملتان جو رهواسي هيو. گڊو ٿرمل پاورهائوس جي 600 ميگاواٽ سيڪشن جي اسٽور ۾ هيلپر هيو آچر ڏينهن شفٽ جي ملازمن کي اسٽور مان سامان ڪڍي ڏيڻ بعد سندس موبائيل فون بند ٿي ويئي. لاش ملڻ جي اطلاع تي گڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪشمور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش کي ملتان روانو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي گڊو پوليس ٻڌايو ته مقتول مٿان سخت تشدد ٿيل آهي سندس اکيون به ڪڍيون ويون آهن. واقعو چوري جي مامري تان به ٿي سگهي ٿو. مقتول جو لاش اسٽور ۾ پيل قيمتي تارن جي ڪٻاڙ مان مليو آهي. مقتول جا هٿ به ڪارا ٿيل هئا. شڪ جي بنياد تي چوڪيدار نويد احمد بگٽي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ ڪري رهيا آهيون. خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.