قاضي احمد ۾چور ڀيلن جي گهرن ۾ ڪاهي پيا، ٻڪريون ۽ زيور ڦر ، احتجاج

قاضي احمد  (ن ع آ) قاضي احمد شھر چورن ۽ ڦورون لاء محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهي چور ۽ ڦورو شھرين کي روزاني جي بنياد لٽڻ لڳا پوليس خاموش ڦورون ٿر جي مزدور ماروئڙن کي به نه بخشيو  قاضي احمد لڳ جوڻا موري اسٽاپ ڀرسان ڦورو ھٿيارن جي زور تي ٿر جي مزدور ماروئڙن ڀيل برادري جي گھرن ۾ داخل ٿي ٻڪريون ۽ سونا زيور ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جنهن جي رپورٽ گھر ڌڻين ڦورون خلاف قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي.  قاضي احمد شھر ۽ آس پاس جي علائيقن مان ڏينهن ڏٺي جو چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل قاضي احمد پوليس چورن ۽ ڦورون خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو . ڀيل برادري جي ماڻھن شيوجي , راڄا , کيراجي مائي ڀاڳلي  احتجاج ڪندي ٻڌايو ته چار ڦورو ھٿيارن جي زور تي اسان جي گھر ۾ داخل ٿي اسان مٿان تشدد ڪيو ۽ اسان جي گھر ۾ بيٺل ست ٻڪريون ۽ سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنهن جي رپورٽ اسان قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي متاثر مزدور ڀيل برادري جي ماڻهن ايس ايس پي ۽ ڊي آئي جي شھيد بينظير کي اپيل ڪندي چيو ته جلد کان جلد ڦورون کي گرفتار ڪري اسان کان ڦر ٿيل ٻڪريون ۽ سونا زيور واپس ڪرائي ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.