پکي ۾ سردارن جو ڪٺ، تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻيا شريڪ

پکو (ن ع آ) پکو ۾ مغيري ھائوس تي سردار عبدالحميد مغيري ۽ مير فھد مغيري جي اڳواڻي سنڌ بلوچستان سردار جو سياسي ڪٺ ٿي  گذريو جنھن ۾ ايندڙ اليڪشن جيڪب آباد واري تڪ تي سردار عبدالحميد کي گڏيل طور حمايتي اميدوار بيھارڻ تي اتفاق ڪيو ويو ان موقعي تي سردارن جي ڪٺ ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي، ايم پي اي معظم عباسي،  چيف سردار عبدالرزاق کوسو، سردار سجاد سومرو،  سردار ظفر مستوئي، رئيس طاھر مغيري،  سرائي گلشير کوکر، مير انور خان رند،  انور بروھي، جان محمد کوسو،  راجا خان جکراڻي،  رئيس گل محمد،  ڊاڪٽر حيات مغيري سميت مختلف برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي سردار عبدالحميد مغيري چيو ته موجوده حڪمرانن جي ڪارڪردگي کان مايوس ٿي ھي سرداري ڪٺ ڪوٺايو آھي جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سردارن سميت مختلف برادرين جي چڱن مڙسن ڪرپٽ سياستدانن مان بيزاري ڏيکاري شرڪت ڪئي آھي ھُن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ برادري جي سھڪار سان جيڪب آباد ضلعي ۾ صوبائي سيٽ تي بيھندس جنھن ۾ کوسا برادري سميت ٻين سياسي ماڻھن جو سھڪار آھي منھنجو حڪومتي پارٽي سان تعلق ناھي ۽ نه ئي ان سان اتحاد ڪرڻ جو ارادو آھي ڇو ته حڪومتي ڌر عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻي حق غضب ڪيا آھن. وڌيڪ چيو ته عمران خان کي ملڪ جو اقتداري مدو پورو ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏي امتحان مان گذرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.