شڪارپور ڀرسان ڌنار کان 5 ڍڳيون ڦر ، مزاحمت تي نوجوان مرڻينگ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شڪارپور ويجهو چوپايو مال چارڻ لاءِ ويل ڌنار نوجوان صدورو پٽ قادربخش ڪوش کي هٿياربندن يرغمال بڻائي 5 کان  وڌيڪ ڍڳيون ڦر ڪري مزاحمت تي کيس گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي وارثن پهچي نوجوان ڌنار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي ڌنار جي امڙ لالڙي خاتون ڪوش ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڳوٺ ڀرسان ٻيلي ۾ ڍڳيون چارڻ لاءِ ويو جتي شر برادري جي هٿياربندن کانئنس 5 ڍڳيون ڦر ڪري مزاحمت تي کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا جنهن کان بعد اسان کيس اسپتال داخل ڪرايو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته هٿياربندن کي گرفتار ڪري ڍڳيون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. 07

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.