اڪري چودڳي ڀرسان فيڪٽري اندر ڦٽين کي باهه، هزارين مڻ سڙي رک

اڪري چودڳي (ن ع آ)   اڪري چودڳي ڀرسان قائم المهراڻ ڪاٽن فيڪٽري ۾ڦٽين لڳل ڍڳن کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾  ڪارخاني اندر پيل هزارين مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون آهن،باھ لڳڻ جو اطلاع ڏيڻ باوجود پڪاچانگ ٽائون ڪميٽي جي فائر برگيڊ نه پهچي سگهي جنهن ڪري باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ مشڪلات پيش آيون  فيڪٽري انتظاميا موجب باهه بجلي تي هلندڙ موٽر جي شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب لڳي  باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هزارين مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون فائربرگيڊ نہ پهچڻ سبب فيڪٽري جي مزدورن شهرين ۽ٻين ماڻهن  فيڪٽري جي واٽر ٽينڪرن ۽ پاڻي جي موٽرن ذريعي باهه تي 4 ڪلاڪن کان پوء ضابطو آندو ٻي طرف باھ لڳڻ سبب ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.