سنڌ جي زمين جي والار، ڌاري آبادڪاري خلاف گولاڙچي ۾ ڌرڻو

پيرو لاشاري (ن ع آ) گولاڙچي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي بدين جي سڏ تي بحريا ٽائون جي سنڌ جي زمينن تي والار , سيد زين شاھ سميت سمورن قومي ڪارڪنن تي پ پ سرڪار طرفان ڪوڙا ڪيس داخل  ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ افغان مهاجرن کي رهائڻ خلاف مرڪزي نائب صدر  امير آزاد پنهور , حيدر شاھ , دانش نور , ناز نوتڪاڻي , ابو نوحاڻي , منور پنهور , ربڏنو چانگ , رحيم جي اڳواڻي ۾ گولاڙچي ۾ سي اين جي چوڪ کان پريس ڪلب تائين سوين ماڻهن جي ريلي ڪڍي احمد راڄو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي امير آزاد ۽ ٻين چيو ته هڪ پاسي بحرياٽائون , ڊي ايڇ اي ۽ ٻين منصوبن جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڌاريان آباد ڪيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي سنڌ سرڪار مافيه جي ونگاري بڻجي سنڌ جي قومي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي , سيد زين شاھ گذريل 93 ڏينهن کان جيل ۾ آهي پر سنڌ حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪندي پوليس اڃا تائين فائينل چالان پيش ڪرڻ لاء تيار ناهي , ۽ ڪيسن کي سست رفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي , ٻئي طرف ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مٿان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي , ڪيسن جي جاچ جلد مڪمل ڪري بي ڏوھ قيد ٿيل ماڻهن کي جلد آزاد ڪيو وڃي , هنن چيو ته سنڌ ۾ افغان مهاجرن ۽ ٻين ڌارين کي آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.